عشق کي شاباس- عنايت بلوچ: شخصيت ۽ فن

عشق کي شاباس- عنايت بلوچ: شخصيت ۽ فن

عشق کي شاباس عنايت بلوچ شخصيت ۽ فن

عشق کي شاباس- عنايت بلوچ: شخصيت ۽ فن (ڪتاب): هيءُ ڪتاب برک اديب، شاعر ۽ براڊڪاسٽر عنايت بلوچ جي شخصيت ۽ فن بابت آهي، جنهن کي مرتب نامور سگهڙ ۽ شاعر محمد عثمان منگيءَ ڪيو آهي. هن ڪتاب کي چئن حصن: مضمون، مهاڳ، تاثرات ۽ انٽرويوز ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ نامور اديبن جا شخصيت ۽ سندس فن بابت مضمون شامل آهن. جن ۾ حميد سنڌي، ماهتاب محبوب، عابده پروين، مهتاب اڪبر راشدي، غلام نبي مغل، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، ڊاڪـٽـر غلام محمد لاکو، ڊاڪٽر قاضي خادم، پروفيسر اعـجـاز احـمـد قريشـي، پروفيـسر مير عبدالرسول مير، انعام شيـخ، جامي چانڊيو، هدايت بلوچ، تاج جـويو، ڊاڪٽر ادل سومرو، نثار ميمڻ، نصير مرزا، ڪوثر ٻرڙو، فضل قلباڻي، پروفيسر نذير احمد قاسمي، ذوالفقار هاليپوٽو، فيض کوسو، محمد قاسم ماڪا، در محمد ڀٽي، ماڪن شاهه رضوي، انور ساگر ڪانڌڙو، ڊاڪٽر امتياز علي ميمڻ، علي نواز خاصخيلي، عرفان علي انصاري، ريشمان چنا، سميرا مختيار، خير محمد کوسو، امان الله کوسو، اصغر باغي، نفيس احمد شيخ، ثناءُ الله عتيق وغيره شامل آهن. ڪتاب ۾ رنگين تصويرون ۽ اردو انگريزيءَ جو مضمون پڻ شامل آهن. هيءُ ڪتاب عنايت بلوچ جي خدمتن جو ڀرپور خراج آهي. ڊيمي سائيز جي 544 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هن ڪتاب کي سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد 2014ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو